بلند شاهه

بلند شاهه: ڪافين جو مشهور شاعر، سيد بلند شاهه، ڳوٺ باگهاڻي، تپي لاڏين، تعلقي شاهه بندر، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. لاڙ ۾ سندس نالو تمام گهڻو مشهور آهي. شاعري کيس ورثي ۾ ملي. سندس ڏاڏو به قابل قدر شاعر هو، پر سندس ڪلام هن وقت اڻ لڀ آهي. بلند شاهه جو ڪلام پوين جي بي توجهيءَ سبب گم ٿي ويو. بلند شاهه ڪافيون ۽ بيت چيا آهن. فطرت جي منظرن، برسات جي نظارن، وڄڙين جي وسڻ جا ويس، گل ڦل ۽ گاهن جون گلزاريون، محبوب جي حسن، اکين جي تعريف ۽ اهڙن ٻين مضمونن کي بلندشاهه گهڻو ڳايو آهي. نموني طور سندس ڪافين جا ڪجهه ٿلهه هيٺ ڏجن ٿا:
سارنگ سانوڻ لايا وي ،
الا! رم جهم بادل ڪيا بهارا
اهڙيون سڄڻ تنهنجون اکيون ،
توبهه، ترارين کان تکيون
ڪهڙو آرام اچي انهن کي ،
جن کي دوست جاڳايو .


لفظ بلند شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو